لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ جي الزام هيٺ نواز ليگ جو اڳوڻو وائيس چيئرمين حافظ آباد راءِ قمر کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس راءِ قمر زمان جو هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ حاصل ڪري ورتو، نواز ليگ جي ضلعي ڪنوينشن ۾ موجود وزيراعظم جي معاون خصوصي عطا تارڙ، اڳوڻي وفاقي وزير سائره افضل، نواز ليگ جي ضلعي صدر سميت 24 کان وڌيڪ جوابدارن خلاف پي ٽي آءِ حافظ آباد جي صدر جي درخواست تي سٽي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، راءِ قمر زمان پنهنجي خطاب دوران چئي چڪو آهي ته هي پارٽي جو نه پر منهنجو ذاتي بيان آهي، وڏي وزير پرويز الاهي ليگي اڳواڻ جي ڌمڪي جو نوٽيس وٺندي قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.