لاهور (م ڊ) پنجاب پوليس انتظاميا پي ٽي آءِ جي قيادت جا اهلڪارن تي لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. پنجاب پوليس جي ترجمان پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي پاران پوليس جي وردي خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي پنجاب حڪومت کان ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته پنهنجي وردي تي داغ برداشت نه ٿا ڪري سگهون، اسان جي جوانن شهادتون ڏنيون آهن اهي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.ترجمان بيان ۾ چيو ته شاهه محمود قريشي جو هزارين شهيدن جي امين پنجاب پوليس جي وردي کي گار ڏيڻ سخت افسوسناڪ آهي، پنجاب پوليس کي وزيرآباد واقعي ۾ قتل ۽ زخمي سمورن ماڻهن سان همدردي آهي، ان سانحي جي حساسيت جي ڪري مقامي پوليس جي انتهائي احتياط سمجهڻ جوڳي آهي، پوليس هر قسم جي مفادن کان مٿاهين ٿي فرض انجام ڏئي رهي آهي. حڪومت مان اميد آهي ته حڪومت ۾ شامل پارٽي جي اڳواڻ طرفان پوليس يونيفارم جي توهين جو نوٽيس ورتوويندو.