ايڊيليڊ (م ڊ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي آخري رائونڊ ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي. ايڊيليڊ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش جي نجم الحسين شنتو 54 رنسن جي اننگز کيڏي، عفيف حسين 24، سوميا سرڪار 20، لٽن داس 10 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو بيٽر ڊبل فگر ۾ به نه پهتو. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون، شاداب خان 2، حارث رئوف ۽ افتخار احمد هڪ – هڪ شڪار ڪيو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم 128 رنسن جو هدف 18.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي مڪمل ڪري سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. گرين شرٽس طرفان محمد رضوان 32، محمد حارث 31، ڪپتان بابر اعظم 25، محمد نواز 4 ۽ افتخار احمد هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته شان مسعود 24 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. ميچ ۾ ڊراما به ٿيا. بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن کي فيلڊ امپائر کانپوءِ ٿرڊ امپائر به تڪراري آئوٽ قرار ڏنو. ڪامينٽيٽر چوندا رهيا ته شڪيب جي بيٽ سان بال لڳو هو ان ڪري هو ايل بي ڊبليو نه آهي پر ٿرڊ امپائر به کيس ايل بي ڊبليو قرار ڏنو.