ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ڳوٺ شهداد خان رند ۾ مگسي ۽ جتوئي برادري وچ ۾ پاڻي جي واري تان جيهڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڪهاڙين، لٺين جو آزادنه استعمال ٿيڻ سبب مگسي برادري جو هڪ همراهه ۽ جتوئي برادري هڪ عورت مينا، الهجڙيو، شيرخان، مقبول سخت زخمي ٿي پيا، مگسي برداري پاران بلڙي شاه ڪريم ٿاڻي تي جتوئي برادري مٿان اين سي داخل ڪئي وئي، جڏهن ته جتوئي برادري جي سوين عورتن مرد جو سجاول_ ٽنڊومحمدخان روڊ جي مک چوڪ شهيد بلو پنهور تي ڌرڻو هنيو ويو.