اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان مٿان فرد جرم لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، چيف جسٽس چيو آهي ته عمران خان جو جواب تسلي بخش ناهي، 22 سيپٽمبر تي مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ڪئي، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سندس وڪيل حامد خان ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ موجود هئا. چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته اظهار راءِ جي آزادي جا محافظ آهيون پر چڙ ڏيارڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، ٻڌڻي دوران عدالتي مددگارن مخدوم علي خان ۽ منير اي ملڪ عمران خان تي توهين عدالت جو ڪيس ختم ڪرڻ جي راءِ ڏني. دليل ٻڌڻ بعد عدالت توهين عدالت ڪيس جي ڪارروائي بابت فيصلو محفوظ ڪيو، عدالتي ڪارروائي ۾ 5 منٽن جو وقفو ڪيو ويو، جنهن بعد چيف جسٽس محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان عدالتي معاونن جا ٿورائتا آهيون، ٻن هفتن بعد 22 سيپٽمبر تي عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، عمران خان جو جواب تسلي بخش ناهي. عمران خان جي وڪيل حامد خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته گذريل ٻڌڻي جي عدالتي آبزرويشن سان مڪمل اتفاق ڪريان ٿو، عدالت سامهون مختصر گذارش رکڻ چاهيان ٿو، اسان هي معاملو ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، عدالت هڪ ٻيو موقعو ڏنو، جنهن تي تفصيلي جواب داخل ڪرايو آهي. حامد خان چيو ته عدالت سپريم ڪورٽ جي ٻن فيصلن جو حوالو ڏنو، اهي دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري جا عدالتي فيصلا هئا پر عمران خان جو ڪيس ان ٻن عدالتي فيصلن تحت نه ٿو اچي، طلال ۽ دانيال عزيز جا ڪيس عمران خان جي ڪيس کان گهڻا مختلف آهن. چيف جسٽس چيو ته توهين عدالت ٽن قسمن جي ٿيندي آهي، جنهن کي فردوس عاشق اعواڻ جي ڪيس ۾ بيان ڪيو ويو، هڪ ايڊيشنل توهين عدالت، ٻئي فوجداري توهين عدالت، دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري خلاف ڪرمنل توهين عدالت جي ڪارروائي نه هئي، ان خلاف عدالت کي اسڪينڊلائز ڪرڻ جو معاملو هو، ان ٽن عدالتي فيصلن جو حوالو ڏيڻ جو مقصد هو، هڪ سول توهين عدالت آهي، عدالت جي اسڪينڊلائزيشن فردوس عاشق اعواڻ بابت آهي، هي ڪرمنل توهين عدالت آهي، جيڪا ٻڌڻي هيٺ ڪيس بابت آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان جو جواب تفصيلي پڙهيو، فيصلي ۾ حوالو توهين عدالت جي قسمن ۾ فرق بابت ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اسان پابند آهيون، سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ جو مسرور احسن بنام ارد شير ڪاوس جو ڪيس ڏسو، ان جو پيراگراف نمبر 96 پڙهو.عمران خان جي وڪيل حامد خان عدالت جي چوڻ تي توهين عدالت ڪيس جو هڪ فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته معافي کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ عدالت جي اطمينان تي دارومدار رکي ٿو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڪرمنل توهين گهڻو حساس معاملو هوندو آهي، ان ۾ اوهان ڪوبه ڪارڻ پيش نه ٿا ڪري سگهو، اسان اظهار راءِ جي آزادي جا محافظ آهيون پر چڙ ڏيارڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. جسٽس اطهر من الله حامد خان سان مڪالمو ڪندي چيو ته هاڻ سپريم ڪورٽ جو شاهد ۽ ڪزئي ڪيس جو فيصلو پڙهيو، هاڻ توهين عدالت قانون جو 9 پڙهيو، ايتري پولارائزڊ سوسائٽي آهي، فالوورز مخالفن کي عوامي هنڌن تي بي عزت ڪندا آهن، جيڪڏهن هن عورت جج سان به ايئن ٿئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟. ماتحت عدالت هن عدالت جي ريڊ لائن آهي، اسان پهرين به چيو هو ته عدليا جي آزادي ۽ ڊسٽرڪٽ جوڊيشري ريڊ لائن آهي، اوهان پنهنجي جواب ۾ توهين عدالت کي جسٽيفاءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو ته جسٽيفاءِ نه وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چييو ته ڇا اڳوڻو وزيراعظم لاعلمي جو جواز پيش ڪري سگهي ٿو؟ ڏوهه انتهائي سنگين آهي. جهن جو احساس ناهي ٿيو، اسان صرف قانون کي ڏٺو آهي. حامد خان جو چوڻ هو ته اسان کي احساس آهي تڏهن جواب ۾ اهي ڳالهيون لکيون آهن، جنهن تي جسٽس اطهر من الله پڇيو ته اوهان پاڻ ٻڌايو ته ڇا اوهان جو جواب سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق درست آهي؟ حامد خان چيو ته عمران خان جواب ۾ چيو ته ضلعي ۽ اعليٰ عدليا جو احترام ڪريان ٿو، شهباز گِل تي تشدد سبب بيان ڏنو. چيف جسٽس چيو ته اوهان جواب ۾ مبينا تشدد جو لفظ ناهي لکيو، ڇا هي فيصلا جلسن ۾ ٿيندا يا عدالتون ڪنديون؟ عدالت جي گذريل آرڊر کانپوءِ به هي جواب فائل ڪيو ويو، ڇا اوهان هي ڪيس وڙهڻ چاهيو ٿا. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته 70 سال ۾ ڪجهه سٺو ناهي ٿيو، هي عدالت ان ڳالهه کان ڪافي آگاهه آهي، اوهان پنهنجي عمل کي جسٽيفاءِ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي مرضي آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي جج بابت اهي لفظ هجن ها ته جواب هجي ها؟ ضلعي عدالت جي ججن جي عزت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جيتري آهي. جنهن تي وڪيل حامد خان چيو ته مونکي جواب جي پوري سٽ پڙهڻ ڏيو، جيڪڏهن ڪنهن جج جا جذباب مجروح ٿيا آهن ته ڏکارا آهيون. چيف جسٽس چيو ته گذريل ٻڌڻي تي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن عدالت ۾ سڀني کي عزت ڏني ويندي آهي ۽ ڏني ويندي، ڪنهن جج جا جذبات ناهن هوندا، جج جي باري ۾ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنو ويو، اهي جج ڪيڏانهن وڃن ته انهن سان واقعو پيش اچي سگهي ٿو، عدالت اوهان کي طريقي سان سمجهائي ڇڏيو آهي. عمران خان چيو ته وڪيل چيو ته عمران خان جواب ۾ چيو آهي ته هو  عدليا ۽ عورتن جو احترام ڪري ٿو، عدالت کي يقين ڏياريو آهي ته عمران خان ۽ سندس حمايتي عورت جج بابت ڪجهه نه ڪندا. وڪيل جي موقف تي جسٽس بابر ستار سوال ڪيو ته ڪيئن هڪ سياسي اڳواڻ جلسي ۾ ڪنهن جج خلاف قدم کڻڻ جو چئي سگهي ٿو، جج خلاف ڪارروائي لاءِ هڪ فورم آهي، عوامي جلسو اهو فورم ناهي، هڪ ليڊر عوامي ريلي ۾ ججن خلاف قانوني ڪارروائي جو ڪيئن ٿو چئي سگهي؟. عمران خان جو چوڻ هو ته قانوني قدم کڻڻ هر ڪنهن جو قانوني حق آهي، قانوني قدم جو مطلب شڪايت به آهي، ان فيصلي خلاف نظرثاني وغيره، اوهان فرمايو ته عورت جج کي ڏک پهتو هوندو، عمران خان گفتگو ۾ ايڪشن سان گڏ ليگل جو لفظ مس ڪري ڇڏيو هو. جسٽس بابر ستار جو چوڻ هو ته عوامي جلسي ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو، اوهان چئو ته اسان هتي هلائي سگهون ٿا،  سياسي اڳواڻ ڪابه شرمندگي نه ڏيکاري، احتساب عدالت ٻاهران به اهو چيو جيڪو اسان هتي هلائي سگهون ٿا، عمران خان جواب ۾ مسلسل پنهنجي عمل کي جسٽيفاءِ ڪري رهيو آهي جيڪو ڌمڪي جهڙو آهي، ڇا جواب چئي رهيو آهي ته توهين عدالت جو شفاف ٽرائل ڏنو وڃي؟ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا اهي ڌمڪي جوڳا هئا. ٻڌڻي دوران حامد خان عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جو حوالو به ڏنو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي فيصلو اوهان لاءِ وڌيڪ خطرناڪ هوندو، ان ڪيس ۾ عمران خان چيو هو ته شرمناڪ جو لفظ ماتحت عدليا لاءِ استعمال ڪيو، ان فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ عمران خان کي خبردار ڪيو هو. جنهن تي وڪيل حامد خان چيو ته عمران خان پشاور جلسي ۾ آزاد عدليا جي ڳالهه ڪئي، سمورن پارٽِي ڪارڪنن کي روڪيو ته عورت جج بابت ڪوبه سخت لفظ نه چئو، جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو اصيل پنهنجي  بيان جو ڪو جواز پيش ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان پنهنجي رويي مان به اهو ظاهر نه ڪيو ته ان کي افسوس آهي، تقرير  ۽ توهين عدالت ڪيس کانپوءِ به تقريرن ۾ سبب پيش ڪيا ويا،  عمران خان جي تازن بيانن مان به لڳي رهيو آهي ته ان کي ڪوبه پڇتاءُ ناهي، ڇا اوهان چاهيو ٿا ته عمران خان جو توهين عدالت ڪيس ۾ ٽرائل هلايو وڃي؟. چيف جسٽس چيو ته قانون کان بي علمي ڪا معذرت نه آهي،  جيڪڏهن اوهان پنهنجي عمل کي جسٽيفاءِ ڪريو ٿا ته مطلب پڇتاءُ ناهي، ڪنهن جج جو نالو وٺڻ کانسواءِ ڪيل توهين تي به سپريم ڪورٽ معافي قبول نه ڪئي. سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدليا جي ججن ۾ ڪوبه فرق ڪونهي، بار بار سمجهائي رهيا آهيون ته هي هڪ سنگين معاملو آهي. حامد خان چيو ته عمران خان ٻه ڏينهن اڳ ڪيل تقرير تي وضاحت لاءِ روسٽروم تي اچڻ چاهي ٿو، عمران خان مطابق تقرير جو غلط حوالو ڏنو ويو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها تقرير هتي هلائي ڏسي وٺنداسين، نهال هاشمي ڪيس ۾ ڪنهن جج جو نالو نه هو، معافي به گهري وئي پر نه ملي، ضلعي عدليا جي جج کي ڌمڪي سپريم ڪورٽ جي جج کان به وڌيڪ سنگين ڏوهه آهي، اسانجي باري ۾ شرمناڪ چئو ها ته ڪڏهن به توهين عدالت جو نوٽيس نه وٺون ها. وڪيل حامد خان چيو ته عمران خان جي تقرير بلڪل مختلف آهي، آئون نٿو چوان ته ماتحت عدليا گهٽ آهي، ماتحت ۽ اعليٰ عدليا ٻنهي جو احترام ڪندو آهيان. جسٽس بابر ستار جو چوڻ هو ته صرف اوهان جي اصيل کي سمجهه آهي ته ان ڇا ڪيو، باقي دنيا کي نه؟ جج وڪيل حامد خان کان پڇاڻو ڪيو ته اسانجي عدالت ڪنهن جي خلاف حڪم ڏئي ۽ اهو ٻاهر بيهي چئي ته جج کي نه ڇڏيندس، ڇا اهو ٺيڪ هوندو؟، جيڪو جواب داخل ڪيو ويو، ان مان لڳي ٿو ته نتيجن جو احساس ناهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته بار بار سمجهائي رهيا آهيون ته سياسي اڳواڻن جي وڏي ذميواري هوندي آهي، مديني شريف ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو به چڙ ڏيارڻ جو نتيجو هو، اوهان کي هر هر اها شئي سمجهائي رهيا آهيون ته هي معاملو سنگين آهي، اسان کي حضور ڪريم صلعم جي ذات ۽ فتح مڪه مان سکڻ گهرجي ته جيئن ڏڦيڙ پيدا نه ٿئي. حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ 2014ع ۾ عمران خان جي وضاحت قبول ڪري وڏي دل جو مظاهرو ڪيو، موجوده توهين عدالت ۽ 2014ع جي عمران خان خلاف ڪيس هڪ جهڙا آهن، هاءِ ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي سامهون رکي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ ان فيصلي ۾ آرٽيڪل 19 جي اهميت کي به تسليم ڪيو، سياستدان ڪيترائي به اڻ ڄاڻائي ۾ ڪجهه لفظ چئي ويندا آهن. جسٽس طارق جهانگيري چيو ته اوهان عمران خان کي ٻڌايو هو ته شهباز گِل تي تشدد بابت ميڊيڪل رپورٽ ترديد ڪئي هئي؟ چيف جسٽس چيو ته معاملو اهو آهي ته شهباز گِل وارو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هو، شهباز گِل جو وڪيل شعيب شاهين روسٽروم تي آيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته جيل سپرينٽنڊنٽ جي ميڊيڪل آفيسر تصديق ڪئي هئي ته شهباز گِل جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان پاڻ لاءِ شين کي ڏکيو نه بڻايو، اوهان جي سموري قانوني ٽيم  ٻڌڻي وقت موجود هئي، هاڻ اوهان جو تاثر غالب ٿيندو يا عدالتي حڪم؟. عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان ان طرف نٿا وڃو ڪيس ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا. جسٽس اطهر من الله چيو ته سوشل ميڊيا کي ڪوڙي پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، عدليا نشانو آهي، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جا ذميوار سياسي اڳواڻ آهن، ڇا ڪنهن اڳواڻ سپوٽرز کي چيو ته سياسي ميڊيا جو غلط استعمال نه ڪريو. عدالتي مددگار منير اي ملڪ دليل ڏيندي چيو ته جوابدار تي الزام آهي ته عورت ججن خلاف توهين جوڳي ٻولي استعمال ڪئي، اهو به الزام آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جوڊيشل ۽ ڪرمنل توهين عدالت جو الزام لڳايو ويو، اسان هن وقت شوڪاز جي مرحلي تي آهيون، عوام ۾ عدليا جو اعتماد غيرجانبدار ۽ منصفاڻي فيصلن سان قائم ٿيندو آهي. منير اي ملڪ مرزا اسلم بيگ خلاف توهين عدالت ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلم بيگ ڪيس ۾ معافي نه ورتي وئي هئي اسلم بيگ ڪيس ۾ گهري پڇتاءُ جو ذڪر ڪيو ويو هو، لفظ افسوسناڪ پر انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽ ناهن، عدالت صبر جو مظاهروڪندي آهي، جوابدار کي چوان ٿو ته آئنده ايئن نه ڪري، عدالت کي به درخواست آهي ته توهين عدالت جو معاملو درگذر ڪري، اڄوڪي ڪارروائي اهو پيغام ڏيندي ته اهي بي وقوفي اڳتي برداشت نه ڪئي ويندي، عدالت کي جيڪو پيغام ڏيڻو هو اهو ڏنو، هاڻ صبر جو مظاهرو ڪري، عمران خان خلاف ڪيس ختم ڪيو وڃي. جنهن تي جسٽس بابر ستار چيو ته منير اي ملڪ صاحب اهو تاثر نه ويندو ته بااثر ماڻهن  کي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪي بااثر ناهن، انهن کي سزا ڏني ويندي آهي. عدالت جي ٻئي مددگار مخدوم علي خان پنهنجي دليل ۾ چييو ته توهين عدالت جو قانون ججن جي حفاظت لاءِ نه پر انصاف ۾ رنڊڪ وجهڻ بابت آهي، عوامي مفاد اظهار راءِ جي آزادي ۾ آهي. دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالتي ڪارروائي ۾ 5 منٽن جو وقفو ڪيو ويو ۽ فيصلو محفوظ ڪيو ويو، ججن جي اٿندي ئي عمران خان به اٿي بهي بيٺو ۽ چيو ته جسٽس صاحب، آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، چيف جسٽس اٿندي چيو ته اسان اوهان جي وڪيلن کي ٻڌي ورتو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته عدالت جيڪي سوال پڇيا، مونکي ان تي موقف ڏيڻو هو، ان تي اٽارني جنرل عملي کي هدايت ڪئي ته عمران خان جو حلفي بيان تي حلف ناملو ورتو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته پروسيڊنگ جي ڪنهن مرحلي تي به غيرمشروط معافي گهري وڃي ته عدالت غور ڪري سگهي ٿي. وقفي بعد عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اسان عدالتي مددگارن جا ٿورائتا آهيون، ٻن هفتن بعد عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، عمران خان جو بيان تسلي بخش ناهي.