اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم شهبازشريف سان سٺا لاڳاپا آهن، 90 کان 95 سمريون آيون جن مان 3 کان 4 روڪيون جن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ  وارو بل ۽ نيب وارو بل شامل آهي. پر شهباز شريف سان ملاقات نه ٿي آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻ ڪو ٽڪراءُ نه ٿيندو. سڀني کي گڏجي ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺي اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پردي پويان رابطا ٿيا آهن انهن کي رد نه ٿو ڪريان. ترڪ صدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سياسي تسلسل نه هجڻ ڪري مسئلا آهن. سياستدانن کي نااهل ڪرڻ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي. ذوالفقار ڀٽو جو ڪيس هلائڻ گهرجي ها جيئن خبر پوي ته قتل ڪيئن ٿيندو آهي.