ملتان(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته مون کي چيو پيو وڃي ته اسيمبلي ۾ واپس وڃي معاملا حل ڪريو، سڀني سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر هنن چورن سان نه ڳالهائيندس. ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آصف زرداري جيان شهباز شريف به پئسن جو پوڄاري آهي، منهنجي ايم پي ايز کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته عمران خان سان گڏ نه هلو، صحافين، اينڪرز ۽ ميڊيا کي به ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ته منهنجو ساٿ ڇڏيو. هن چيو ته  منهنجي ڪوشش آهي ته قوم کي نبي جي سنت تي هلايان ته جيئن قوم عظيم قوم بڻجي وڃي. هنن ۾ اهڙي همت ناهي جو روس کان سستو تيل ۽ ڪڻڪ خريد ڪن، روس اسان کي سستو تيل ۽ ڪڻڪ ڏئي رهيو هو. هن چيو ته توهين عدالت جو ڪيس هلي رهيو آهي ان ڪري ان تي نه ڳالهائيندس. هن چيو ته هاڻ چون ٿا ته اسيمبلين ۾ وڃي هنن سان ڳالهيون ڪريو ۽ معاملا هلايو. هر ڪنهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، ڪنهن جو نظريو فرق آهي، نظرياتي طور تي الڳ آهي ته ڳالهين لاءِ تيار آهيان پر هنن چورن سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهيان.اسلام آباد (بيورورپورٽ) اڳوڻي وزيرعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان جيل ويس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت واري ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي گفتگو دوران صحافين جي سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته خبرون اچي رهيون آهن ته حڪومت توهان کي گرفتار ڪرڻ جو پلان ٺاهي رهي آهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اهڙيون خبرون اينديون رهنديون آهي، مان جيل وڃي وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس. سخت سيڪيورٽي بابت پڇيل سوال جي جواب تي عمران خان چيو ته ائين لڳي رهيو آهي جيئن ڪلڀوشن ياديو اچي رهيو آهي، خبر ناهي کين ڪهڙي شئي کان ڊپ آهي.