گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ ٻوڏ جو پاڻي گهٽ نه ٿي سگهيو .شهري پنهنجي مدد پاڻ هٿ جون ٻيڙيون ٺاهي شهر اچي وڃي رهيا آھن ٻئي طرف ڳوٺاڻن کي ڳوٺن مان ڪڍڻ لاءِ ڪا ريسڪيو ٽيم ناهي پهتي جنهن ڪري پرائيويٽ ٻيڙين وارا ڪِرائي تي ڳوٺاڻن کي ۽ انهن جي سامان کي  ڳوٺن مان ڪڍي رهيا آهن پر انتظاميه ڪٿي به نظر نٿي اچي . اهڙي صورتحال تي ڪامريڊ ممتاز ڏيپر، فياض سيھڙ، باقر کهاوڙ، حاجن لاڙ ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسانجو شهر گاجي کهاوڙ ۽ 200 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا آھن ڪيترائي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آھن پر ضلعي انتظاميه ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ۽ ٻيڙين وارا 6 کان 8 هزار تائين ڪرايو وٺن ٿا جيڪو سراسر ظلم آھي جڏھن  ته هن ٻوڏ واري ماحول ۾ اسان پئسه ڪٿان آڻيون سارين جو فصل ٻڏي ويو مال مري ويو ۽ ساريون ۽ ڪڻڪ جيڪي گڏ جيڪي گڏ ڪري رکيون هيون اهي ٻڏي ويون آھن اسان وٽ هن وقت پئسو به ناهي پر اسان وٽ نه اٽو آھي نه راشن ٿو ملي جنهن ڪري اسان گاجي کهاوڙ جا ٻوڏ متاثر فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. هنن مطالبو ڪيو ته گاجي کهاوڙ ۾ جلد ٻيڙيو پهچائي راشن پهچايو وڃي ۽ خيما ڏنا وڃن ۽ اسان جي مالڪي ڪئي وڃي.