لاڙڪاڻو (رپورٽ : شاهه محمد لاشاري ) لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ فلاحي تنطيم جي ڊي سي طرفان قائم ڪيمپ سٽي ٻاهران ويٺل ٻوڏ متاثرن تاج محمد ميراڻي، ارباب مگسي، علي خان ٽوٽاڻي، خانزادي، صدروي ،افسانه، تاجل احتجاج ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا جا آفيسر اسان کي چار ڏينهن اڳ شهر جي مختلف علائقن مان ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ٽينٽ سٽي ۾ ترسائڻ جو آسرو ڏئي وٺي آيا. پر هن وقت تائين ٽينٽ ناهن ڏنا ويا،  جنهن ڪري اسين کٽن مٿان رليون رکي ويٺا آهيون، ٽينٽ سٽي ۾ من پسند ماڻهن کي ترسايو پيو وڃي، کاڌ خوراڪ به نٿي ڏني وڃي، لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهيون. هنن سنڌ سرڪار ۽ سرندي وارن سميت فلاحي تنظيمن جي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته ٽينٽ ۽ کاڌ خوراڪ ڏئي اسان جون زندگيون بچايون وڃن. متاثر مجيب رحمان پنهنجي اخبار جي ٽيم آڏو دانهيندي چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل آهيون، شاهينگ وجهه وٺي اسان جا کيسا خالي ڪري هليا وڃن ٿا. همت علي چيو ته نياڻي کي ميڊيڪل ڪيئمپ تي علاج لاءِ وٺي ويس جتان شاهينگ کيسي ۾ پيل 3700 روڪ رقم ڪڍي فرار ٿي ويا آهن. ڪچي پل واسي پيرسن امان الله لاشاري چيو ته شر پسند متاثرن جي روپ ۾ اچي رات جي اونداهي ۾ ٽينٽ چوري ڪري فرار ٿي وڃن ٿا.