ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجھو 78 موري واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثر ھيرو ڪولھي جي 7 ورھين جي نياڻي شانتي پير ترڪڻ سبب جمڙائو ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، جنهن کي وارث سول اسپتال کڻائي پھتا، جتان موت جي تصديق بعد گھر کڻي روانا ٿي ويا.