دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي پي سي بي گرائونڊ جي پچ آڏو ڏنل ڀت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن سبب اميناڻي ٿاڻي جو پوليس ڪانسٽيبل عبدالطيف پنهور ملبي هيٺان دٻجي ويو ، ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن ملبو هٽائي کيس ٻاهر ڪڍيو ويو ، جيڪو موقعي تي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو ، فوتي اهلڪار جو لاش دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر اهلڪار جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتي اهلڪار عبدالطيف پنهور جي نماز جنازه پوليس هيڊ ڪواٽر ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون ، پاڪ آرمي جي ڪرنل اعجاز ، ميجر شاھ مراد ۽ ٻين شرڪت ڪئي بعد ۾ فوتي اهلڪار جو لاش ڳوٺ چانگيا پنهور نيو ويو جتي پوليس اعزاز سان سندس تدفين ڪئي وئي ، پوليس موجب شهيد اهلڪار پي سي بي گرائونڊ وٽ ڊيوٽي تي موجود هو ته سندس مٿان ڀت ڪري پئي