ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ جي وارڊ نمبر 3 فتح پور جي رھواسي پورھيت ڪريم بخش بروھي جا 7 ورهين جا  2 معصوم جاڙا پٽ مدثر ۽ مذمل بروھي گهر ڀرسان کيڏندي بيٺل برساتي پاڻي ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويا، وارثن ٻارن جا لاش ٽوٻن جي مدد سان ڳوٺ حاجي علي دوست بروھي  ڀرسان پاڻي مان ڪڍيا، ٻي طرف لاش گهر پھچڻ تي سندس والدين کي بيھوشي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا.