مٽياري (رپورٽر) ڀٽ شاهه لڳ کنڊو ۾ رند برادري جي مارجي ويل 6 ڄڻن جا قاتل 15 مهينا گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رند برادري پاران وزير رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي اڳواڻن چيو ته پوليس 15 مهينا گذرڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.