ٽنڊوالهيار (ن پ ا) ٽنڊوالهيار جي سياسي اڳواڻ غلام قادرمري ۽ سلامت لاکي ۾ هلندڙ تڪرار ختم نه ٿي سگهيو، ميرپور خاص جي رهواسي مظهر حسين شاھ ٽنڊوالهيار جي سيشن ڪورٽ ۾ هڪ درخواست ڏني، جنهن درخواست ۾ الزام هنيو ويو هو ته غلام قادر مري جي ڀائيٽي رمضان مري ۽ ڏوهٽي درياخان مري سميت 14 ڄڻن سلامت لاکي جي پٽ سميت ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري کين غلام قادرمري جي بنگلي تي رکيو آهي، جنهن تي عدالت پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، پوليس رپورٽ ملڻ بعد عدالت درخواست کي رد ڪري ڇڏيوآهي، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته سلامت لاکي جي همدرد مظهر حسين شاھ درخواست عدالت ۾ ڏني جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي آهي.