لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ريشم گلي واري علائقي جو رهواسي واپاري علي رضا عباسي ٽن ڏينهن کان پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي، اهڙو اطلاع وارثن پاران حد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين نوجوان جو پتو نه لڳائي سگهي آهي، پوليس ٻڌايو ته موبائيل لوڪيشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نوجوان هڪ رات لاڙڪاڻو جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ترسيو هو، جنهن کان پوءِ هو ڪراچي طرف روانو ٿي ويو، جنهن جي لوڪيشن به هٿ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ مامري جي جاچ ڪريون پيا، اغوا جو مامرو نه آهي.