اوٻاوڙو/ مريد شاخ ( نمائندن وٽان) اوٻاوڙو ويجهو کنڀڙا ٿاڻي جي حد ايل بي ڪالوني وٽ ڊيرا بگٽي جي رھواسي 50 سال جي لال بخش دوراني بگٽي مٿان پنهنجي برادري جي ماڻهن پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا. کنڀڙا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي ڀاءُ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته اسان صادق آباد کان واپس پنهنجي گهر ڊيرا بگٽي وڃي رھيا ھئاسين ته محمد يوسف ۽ احمد علي منهنجي ڀاءُ لال بخش بگٽي کي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا، ھوڏانھن کنڀڙا پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي.