نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز لڳ ڳوٺ ڌڻي بخش سمون ۾ ماروٽن ۾ جھيڙو، ٿي پيو ،جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. معمولي ڳالهه تان ٿيل جھيڙي ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ نعيم سمون گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ۽ اسپتال ۾ طبي سھولتن جي کوٽ سبب زخمي کي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو آھي. اطلاع تي نوشهروفيروز پوليس پھچي ڌرين ۾ ھلندڙ فائرنگ روڪرائي ورتي. جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو.