ڪڍڻ (ن پ ا ) ڪڍڻ لڳ ديھه ڪاڪ جي ڳوٺ عبدالرشيد جٽ ۾ جت ۽ ملاح برادريءَ ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو، گوليون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب جت برادريءَ جا 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي صحت مرڪز ڪڍڻ ۾ داخل ڪيو ويو. جھيڙي جي ڪڍڻ ٿاڻي تي رپورٽ درج. تفصيل موجب ڪڍڻ لڳ ديھه ڪاڪ جي ڳوٺ عبدالرشيد جٽ ۾ جت ۽ ملاح برادريءَ ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو. ان دوران گوليون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب جت برادري جا 8 ڄڻا عبدالرئوف، سلطان، پير بخش، علي حسن، علي احمد، غلام قادر جت ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي صحت مرڪز ڪڍڻ ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. ڪڍڻ ٿاڻي تي جھيڙي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي. زخمين جي وارثن گلابي جت ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته محمد حسن ۽ وڪيو خاصخيلي جي بڇ تي اسان ملاحن جھيڙو اسان جي ماڻھن کي زخمي ڪيو آھي.