مڪوشريف (م ڊ) سعودي عرب ۽ حرمين شريفين جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي اڍائي سالن بعد ڪعبته الله جي چوڌاري لڳل رڪاوٽون ختم ڪري عوام کي ڪعبته الله تائين پهچ فراهم ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ حرمين شريفين جي ٽوئٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سيڪيورٽي اهلڪار ۽ حرم شريف جو عملو ڪعبته الله جي چوڌاري لڳل رنڊڪون هٽائي رهيو آهي. هاڻ عوام ڪعبته الله، حجر اسود تائين سڌي ريت پهچي سگهندو ۽ ڪورونا وائرس کان اڳ واري دور جيان ڪعبته الله کي ڇهي سگهندو.

حرم شريف جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اڍائي سالن بعد عوام جي حطيم تائين رسائي بحال ڪئي وئي آهي. ملتزم تي دعا گهرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جڏهن ته حجر اسود کي چمڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي. وڊيو ۾ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهو ڪعبته الله جي بلڪل ويجهو نماز ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻيا ماڻهو ڪعبته جي ڀتين سان ملي گذري رهيا آهن اهو منظر اڍائي سالن بعد وري نظر آيو آهي.