حيدرآباد: جسقم جي سڏ تي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي دانشور ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته بلال ڪاڪا جي واقعي بعد سنڌ ۾ آيل رد عمل کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سياسي  قيادت کي اپيل ڪندس ته سوشل ميڊيا تي پنهنجي سياسي مهم حصي کي شامل ڪيو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا ٺهراءُ سنڌ جي واضح عڪاسي ڪن ٿا. پختون ڪالاباغ ڊيم خلاف به وڙهي پيو ۽ سنڌ سان گڏ بيٺو آهي. هي سياسي ۽ معاشي معاملن جي جنگ آهي ان کي سنجيدگي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. گڏيل حڪمت عملي جوڙي  وڃي جيڪا سنڌ جي حق حاڪميت ۽ وسيلن جو تحفظ ڪري. ليکڪ محسن جويو چيو ته هي اهو وقت آهي جو اسان کي سياسي، سماجي مفاد هڪ پاسي ڪري هڪ ٿي سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهڻ گهرجي.