حيدرآباد: قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اديب ۽ ليکڪ ذوالفقار قادري چيو ته افغاني پناهگيرن جو مسئلو سنڌ  جو ٻرندڙ مسئلو آهي جن کي هڪ منظم پلاننگ تحت رهايو ويو آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاريا آباد آهن جن ملڪيتون خريد ڪرڻ سان گڏ هوٽلن جي نالي ۾ هٿيارن جا گودام قائم ڪري ڇڏيا آهن. شاعر مهر ڊرٻائي چيو ته افغانين، برمي بنگالين کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين جي پيرن ۾ زنجير وڌي وئي آهي. پاڪستان ۾ انهن کي سمورن صوبن ۾ ڇو نٿو رهايو وڃي.  حيدرآباد بعد ڪراچي ۾ به قومي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم جي اڳواڻ قانوندان ستار سرڪي چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڌاري آبادڪاري، ڪالاباغ ڊيم، بحريه ٽائون کان ويندي سمورن سنڌ دشمن منصوبن ۽ سازشن خلاف ثابت قدمي سان جدوجهد ڪئي آهي جن منزل ماڻي آهي. هن چيو ته اسيمبليون سردارن جا ڪلب آهن. اسيمبلين ۾ ويٺل سردار ڀوتار دهلي جا ٺڳ آهن، سنڌ جي عوام جي نمائنده قيادت قومپرست قيادت آهي.