شڪارپور/ باڊهه (نمائندن وٽان) شڪارپور ۾ قوم پرست اڳواڻن پاران سنڌين جا ڳوٺ مسمار ڪرڻ ۽ ڌارين جي آبادي خلاف جهاز چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي،اسدالله سومرو ، اعجاز ڪاڪيپوٽو، عمران منگي، محمد  قاسم پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ هڪ سازش تحت سنڌي ماڻھن کي  لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ ماءُ سان غداري ڪرڻ نه ڏبي، ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن. هنن گهر ڪئي ته ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. هوڏانهن باڊھه ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احمد بشير نوناري، صدام جهتيال،  سجاد ڏھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.