گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاري ويجهو مراد مائينر شاخ جي کاٽي دوران نڪرندڙ مٽي سبب ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو بند ھجڻ ڪري ڳوهاري عورت جي فوت ٿيڻ ۽ آبپاشي عملي خلاف ڳوٺاڻن پاران ڪيل احتجاج جو نوٽيس وٺندي پ پ ايم اين اي غلام علي ٽالپر ڳوٺ ٺارو دل ۾ پهچي فوتي جي وارثن محمد ابراهيم دل، ايڊووڪيٽ محمد علي دل، امجد دل، رشيد دل ليمون دل ۽ صحافي علي نواز دل سان تعزيت ڪئي ۽ بند ٿيل رستي جو پڻ دورو ڪيو، ان موقعي تي غلام علي ٽالپر  آبپاشي عملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آبپاشي عملي کاٽي دوران رستي تي مٽي رکي رستو بند ڪري ڳوٺاڻن سان ناانصافي ڪئي آھي، عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريندي چيو ته فوري طور تي رستي تان مٽي هٽائي رستو کوليو ويندو، جلد ڳوٺ ٺارو دل ۽ ڳوٺ اعظم دستي ڳوٺن ۾ پڪو روڊ تعمير ڪرايو ويندو. جڏهن ته ايم اين اي فوتي عورت جي وارثن جي مالي سهائتا جو پڻ اعلان ڪيو.