نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 70 تي وڏيري بشير احمد هاليپوٽو جي وفات بعد خالي سيٽ تي اليڪشن ڪميشن پاران 20 مئي تي ضمني چونڊ جي حوالي سان پ پ اميدوار ڏاڏا هاليپوٽو کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ضلعي بدين جي اڳوڻي ضلعي ناظم انور علي هاليپوٽو جي فرزند نور قلندر هاليپوٽو جي قيادت ۾ پ پ ڪارڪنن جي ريلي سماجي شخصيت عمر چانگ، شاھد علي راجپوت جي دعوت تي نئون دمبالو پهتي، ان موقعي تي نور قلندر هاليپوٽو خطاب ڪندي چيو ته پ پ غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي پارٽي آھي، هن چيو ته 20 مئي تي پ پ اميدوار ڏاڏا محمد هاليپوٽو جي ڪاميابي جو ڏينهن آهي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته پ پ اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو وڃي، ان موقعي تي منير احمد، سائين بخش جمالي، محمد رمضان چانڊيو، بشير هاليپوٽو، گل محمد سريوال، محمد بچل آريسر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.