کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ڳوٺ حاجي وريام راڄڙ ۾ ٽن پورھيتن جي گهرن کي چلهه جي چڻنگ مان باهه وڪوڙي وئي، پورھيتن جي گهرن ۾ پيل ڪڻڪ، ھنڌ بسترا ۽ ھڪ نياڻي جي ڏاج سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. واقعي جو اطلاع کپرو فائر برگيڊ جي گاڏي کي ڏنو ويو پر گاڏي خراب ھئـڻ جو چئي ميونسپل ڪميٽي کپرو فائر برگيڊ جي گاڏي نه موڪلي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو. باهه متاثرن ۾ صالو ڀيل، سادو ڀيل ۽ گڻيسو ڀيل شامل آهن. متاثر بي يارومددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آهن هنن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي.