نيوڇور (رپورٽ: جگت چارڻ) نيوڇور ۽ ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ ٿر جو ميوو پيرون پچي تيار ٿي ويا، ماروئڙن ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي. ان سلسلي ۾ نيوڇور سميت ٿر جي سمورن ڳوٺن ۾ ڪنڊي جي وڻ ۾ ٿيندڙ سڱرين کانپوءِ کٻڙن ۾ پيرون پچي راس ٿي ويا، ھن ٿري ميوات کي ٿر جا ماڻھو توڙي چوپايو مال شوق سان کائيندا آهن. ٿري ماڻھو سڱرين وانگر پيرون به سڪائي رکندا آھن. جنھن کي ڪوڪڙ سڏيو ويندو آھي. سڪل پيرون ٿري ماڻھو ڏٿ طور استعمال ڪندا آھن پيرون مان ڳڙ به ٺاھيو ويندو آھي، جيڪو به کاڌي ۾ لذيذ ٿيندو آھي. کٻڙ يا ڄار ٿر جو اهو وڻ آھي جيڪو ڪڏھن به ڏڪار ۾ به نه سڪندو آھي. بھار رت پڄاڻان گرم ھوائن، لڪ ۽ جھولن جي موسم ۾ کٻڙن ۾ رنگ برنگي پيرون ٿيندا آھن، پيرون ڳاڙھا، ھلڪا گلابي، اڇا ۽ انگور مائل ٿيندا آھن جن کي سيڙڪا سڏيو ويندو آھي. پيرون کي ٿري انگور به سڏيو ويندو آھي. ٻارڙا کٻڙن جي ھيٺان ڪپڙو وڇائي مٿان کٻڙن کي ڌوڻيندا، لوڏيندا آھن ته ھيٺ ڪپڙي تي پيرون جا ڍير ٿي ويندا آھن جيڪي پاڻي ۾ پسائي ڌوئي کائبا آھن. وڏا، عورتون توڙي مرد چيلهه سان لوٽا ٻڌي کٻڙن جي ورن وڪڙن ٽارن تي چڙھي ويندا آھن پيرون چونڊي ٽٻڪا ڀريندا آھن. پيرون مان ڳڙ ٺاهڻ جي لاءِ تازن پيرن کي ماٽي ۾ وجهي منڌي سان ولوڙي پوءِ پرڻ ۾ ڇاڻي کل ۽ ٻج کي ڌار ڪري رس کي هنڊي ۾ وجهي باهه تي چاڙهيو ويندو آهي. جڏهن رس گهاٽو ٿيندو آهي، تڏهن چلهه تان لاٿو ويندو آهي، ٺرڻ کان پوءِ ڳڙ تيار ، ماني سان کاڌو ويندو آهي. سياري ۾ ڳڙ کائڻ سان ٿڌ زڪام وغيره نه ٿيندو آهي. اڌ رنگ جي لاءِ به مفيد آهي.