نيوڇور: کٻڙ جا پن اُٺ شوق سان کائيندو آهي. اٺن ۾ ٿيندڙ خارش جي بيماري کي ٿر ۾ “پانهه” چئبو آهي. پانهه جي بيماري ۾ کٻڙ جي پاڙ جي سڪل ڪاٺي ٻاري ان جي رک لڳائڻ سان پانهه ختم ٿي ويندي آهي. “سيڙڪن” پيرون واري ڄار جا پن گهوٽي ان جو رس ٿڌ. زڪام. بخار ۽ نمونيا جي مريض کي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آهي. ڪاڙهي ۾ به پن وجهي اُڪاري پيئندا آهن.