نيو ڇور: پيرون چوپائي مال جي بھترين خوراڪ آھن پيرون ۽ سڱريون کائي چوپايو مال خاص طور ٻڪريون ۽ رڍون صحتمند ٿيڻ سان ڦرجندو آھي، جنھن کي پيرون جو تور سڏيو ويندو آھي. پيرون کائيندڙ ٻڪرين ۾ کير وڌيڪ هوندو آهي. ولوڙڻ سان مکڻ به وڌيڪ لهندو آهي.