دادو ( رپورٽر ) دادو جي عدالت پاران چنگچي چوري ڪيس ۾ ٻن ڄڻن کي 3_3 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ن ڏس ۾ ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ جي جج امتياز علي شاھ جي عدالت چنگچي رڪشا چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 ڄڻن عبدالمجيد ۽ عبدالرشيد پنهور کي 3/3 سال قيد ۽ 20/20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ، جوابدارن خلاف سال 2020 دوران مخدوم بلاول ٿاڻي تي مولابخش پنهور رڪشا چوري جي ايف آء آر داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ ڏوھ ثابت تي جوابدارن کي سزا ٻڌائي آهي.