ٽنڊوآدم (ن پ ا) ڪراچي جي پي آءِ ڪالوني جي پوليس ٽنڊو آدم جي مڪراني پاڙي ۾ گهر تي ڇاپو هڻي ٻن مسيحي عورتن کي کڻي وئي. عورتون دانهون ڪنديون رهيون ته اسان سان نا انصافي ٿي رهي آهي. ڪراچي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مشتاق مسيح ڪيس داخل ڪرايو آهي ته پپو عرف مرغي والا 80 هزار وٺي منهنجي پٽ دلاور مسيح کي ٽنڊوآدم مان ڪرن مسيح سان شادي ڪرائي.پوليس موجب فريادي موقف اختيار ڪيو ته ڪرن جي عمر 24 سال آهي ۽ هوءَ ڪنواري آهي پر ڪرن جي عمر 38 سال هئڻ سان گڏ هوءَ اڳ به شادي شدا هئي، ڪرن ڪجهه مهينا گهر ۾ رهڻ بعد ماءُ سيما سان گڏجي گهر مان الهه تلهه ٻهاري وئي.