ميهڙ (ن پ ا)ميهڙ لڳ ڳوٺ باگو تيوڻو جي رهواسي مجاهد علي تيوڻو جي 6 سالن جي نياڻي مينا کي ڇتي گڏھ چڪ هڻي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي سندس والد انجيڪشن لڳرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال ميهڙ آندو، اسپتال جي انتظاميا اهو چئي نياڻيءَ کي انجيڪشن نه هئي ته تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ گڏهه جي چڪ کان بچاءُ واري انجيڪشن موجود ناهي جنهن بعد معصوم نياڻي کي سندس والد تعلقي اسپتال ميهڙ مان انجيڪشن لڳرائڻ بنا واپس وٺي ويو.