ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ ڪرائڻ اسان جو حق آھي:شھباز/مريم نواز

0
308

لاھور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي صدر شهباز شريف اين اي 249 تي ننڍي چونڊ کي تڪراري قرار ڏيندي ووٽڻ جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شهباز شريف چيو آهي ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ اسان جو حق آهي، اُميد ته چيف اليڪشن ڪمشنر شفافيت يقيني بڻائيندو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪاميابي شفاف هجي ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪرائڻ ۾ پريشاني نه ٿيڻ گهرجي، ڪامياب جو مارجن ڪجهه سئو تي آهي ۽ ڪاميابي جي فرق کان رد ٿيل ووٽ وڌيڪ آهن، 5 سيڪڙو کان گهٽ فرق تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست آهي ته نواز ليگ کي ٻيهر ڳڻپ جو حق ڏنو وڃي.