5پورهيتن جا گهر سڙي رک، جهوپڙيون نه پر اسان جا خواب سڙي ويا

0
283
5پورهيتن جا گهر سڙي رک
5پورهيتن جا گهر سڙي رک، جهوپڙيون نه پر اسان جا خواب سڙي ويا

ڇاڇرو: ڇاڇري ويجهو خوفناڪ باهه پورهيتن جا 5 گهر ساڙي رک ڪري ڇڏيا، فائر برگيڊ جون گاڏيون نه پهتيون

ڳوٺ رتن جو تڙ ۾ سميجا برادري جي گهرن کي اوچتو خوفناڪ باھه لڳي وئي باھه وسائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، بار بار اطلاع ڪرڻ جي باوجود فائربرگيڊ گاڏي نه پهچي سگهي

باهه سبب 5 پورهيتن جا گهر مڪمل طور سڙي ويا جڏهن ته ڳوٺاڻن جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو، باھه متاثر خاندانن ۾ ڊاڪٽر مجيب الرحمان قاضي، حبيب الرحمان، لياقت علي، خميسو خان  ۽ ٻيا شامل آهن

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ڪري باھه تي ڪنٽرول آڻي وڌيڪ گهرن کي نقصان کان بچائي ورتو، تيز هوا سبب ڪيترائي ڪلاڪ ڪوشش بعد باهه کي وسايو ويو، متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ترسيل آهن ضلع انتظاميا سميت ڪنهن به باھه متاثرن جي مدد لاءِ نوٽيس نه ورتو