لاڙڪاڻو: مبينا مقابلي ۾ 2 ڄڻا هاف فراءِ، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

0
329
مبينا مقابلي ۾ 2 ڄڻا هاف فراءِ
لاڙڪاڻو: مبينا مقابلي ۾ 2 ڄڻا هاف فراءِ، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻي ڀرسان  رات دير سان پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي ھاف فراءِ ڪري هٿيار ۽ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي

پوليس موجب تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان  ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ۽ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي، زخمي ڏوهارين جي سڃاڻپ سائين ڏنو ککراڻي ۽ وقار مهر طور ٿي آهي

ان موقعي تي تعلقي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته زخمي ڏوهاري سائين ڏنو ککراڻي مٿان مختلف ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جڏهن ته وقار مهر مٿان 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي