سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) پاڪستان ۾ سال 2022ع دوران 4253 ٻارڙن سان زيادتين جا ڪيس رپورٽ ٿيا. سال 2021ع جي ڀيٽ ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جي ڪيسن ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿيو. ملڪ جي چئني صوبن ۾ روزانو 12 کان وڌيڪ ٻارڙن کي جنسي هَوس جو نشانو بڻايو ويو. سماجي تنظيم ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت انصاريءَ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن مطابق پيش آيل واقعن مان 2325 ڇوڪرين ۽ 1928 ڇوڪرن کي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو. ننڍي عمر جي ٻارڙن سان جنسي زيادتي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا. پڌرائي مطابق سال 2022ع دوران پنجاب ۾ 3035، سنڌ ۾ 622، بلوچستان ۾ 30 ڪيس رپورٽ ٿيا. سنڌ ۾ سال 2022ع دوران سڀ کان وڌيڪ 92 ڪيس خيرپور، 47 ڪراچي، 43-43 گهوٽڪي دادو، 38 لاڙڪاڻو، ۽ 36 ڪيس سکر ۾ رپورٽ ٿيا. رپورٽ ڪيل واقعن موجب 6 کان 15 سالن تائين عمر جي ٻارن کي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو. ٻارڙن سان جنسي زيادتي وارن واقعن ۾ اڪثر ڄاتل سڃاتل جوابدار سامهون آيا. رپورٽ موجب 1982 يعني 47 سيڪڙو ٻهراڙي وارن علائقن ۽ 2271 يعني 53 سيڪڙو واقعا شهري علائقن ۾ پيش آيا. سماجي تنظيم جي رپورٽ مطابق 81 ٻارڙن کي جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو. گذريل سال ۾ 1834 ٻارڙن جي اغوا جا واقعا به پيش آيا. سال 2022 ۾ 428 ٻارڙن جي گمشدگيءَ جا واقعا پيش آيا.