قادرپور (ن پ ا) قادرپور لڳ سنڌو درياھ شينڪ بند کي تيزي سان پائڻ لڳو، ڳوٺاڻن جو ساھ  مٺ ۾ اچي ويو، بند جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو. ان سلسلي ۾ ڪچي جي رهواسين پانڌي خان چاچڙ، زمان علي،  عبدالشڪور، زينل چاچڙ ۽ ٻين قادرپور شينڪ بند تي احتجاج ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته گذريل سال برساتن دوران شينڪ بند کي گهارو پئجي ويو هو، جنهن سبب 5 هزار ايڪڙ زمين تي پوکيل فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا. هنن جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌو درياھ شينڪ بند تيزيءَ سان پائي رهيو آھي. ڪنهن به وقت بند ٽٽڻ جي خوف سبب علائقي واسين جو ساهه مٺ ۾ آهي. آبپاشي انتظاميا جي خاطرين باوجود بند جي مرمت نه ٿي سگهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شينڪ بند جي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي جيئن وڏي نقصان کان محفوظ رهي سگهجي.