حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سٽي تعلقي جي علائقي کاتا چوڪ وٽ اڻڄاتل ماڻهو نوجوان کي گهران سڏي منهن ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو. وارثن جي اطلاع تي پوليس مارجي ويل 35 سالن جي محمد سليم پٽ محمد سعيد قريشي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد اهو لاش وارث گهر کڻائي ويا. سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور مقتول سليم عرف ٽيڊي قريشي بابت سندس وارثن ڄاڻايو آهي ته ان کي فجر مهل گهران اڻڄاتل ماڻهن سڏ ڪيو ۽ جيئن ئي هو دروازو کولي ٻاهر نڪتو ته انهن مٿس فائر ڪيا ۽ فرار ٿي ويا. فائرنگ جي آواز تي انهن ٻاهر نڪري ڏٺو ته در سامهون گهٽي ۾ نوجوان تڙپي رهيو هو ۽ پوليس اطلاع ڏيڻ بعد هو بيهوشي واري حالت ۾ کيس سول اسپتال کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو پراڻي تڪرار جو نتيجو لڳي رهيو آهي پر معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪرڻ سان گڏ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهٽين ۾ لڳل سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن ته جيئن معاملو وائکو ٿيڻ سان گڏ ملوث جوابدار به گرفتار ٿي سگهن.