ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان 2 مھينا اڳ شعيب ڪوريجو ۽ الهداد معرفاڻي ڌرين ۾ مڇي جي تلاءَ تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو شهري اتحاد جي اڳواڻ اڪرم ابڙو، ارشاد قريشي ۽ اختر کوهارو جي سرپئنچي هيٺ جڪب آباد ۾ ڊاڪٽر ارشاد سرڪي وٽ ٿيو، فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي ۾ في خون جي بها 15 لک، زخمي جي بها 4 لک ۽ مزدا کي نقصان پهچائڻ جي بهاهڪ لک رپيا مقرر ڪئي وئي، الهداد معرفاڻي ڌر مٿان وقار ڪوريجو جو قتل ثابت ٿيڻ تي 15 لک ۽ مزدا کي نقصان پهچائڻ جوهڪ لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته مڇي جو تلاءُ شعيب ڪوريجو حوالي ڪيو ويو، شعيب ڪوريجو ڌر مٿان معرفاڻي برادري جي هڪ نوجوان کي زخمي ڪرڻ جو 4 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڪوريجا برادري معرفاڻي برادري کي ٿڏي تي ڏنڊ جي رقم مان ھڪ لک رپيا معاف ڪري ڇڏيو، معرفاڻي برادري موقعي تي ڪوريجا برادري کي 50 ھزار ڏنڊ جي رقم ادا ڪئي، بقايا رھيل رقم 10 لک 50 ھزار ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. ڌريون پاڻ ۾ قران پاڪ تي ھٿ رکي کير کنڊ ٿي ويون.