ڪراچي (نمائندا) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي بحريا ٽائون گيٽ آڏو ڌرڻي بعد شرپسندن جي ڀڃ ڊاهه ۽ باهه واري واقعي بعد کنڀي گم ڪيل جسقم ڪراچي ڊويزن جي آرگنائزر الاهي بخش بڪڪ جي ٽن ڏينهن بعد گذريل ڏينهن گڏاپ ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، جڏهن ته جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جي پٽ ۽ ڀٽ شاهه مان گرفتار ڪيل 24 ڪارڪنن کي پڻ آزاد ڪيو ويو آهي. خبر موجب سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي 6 جون واري ڌرڻي بعد ڀڃ ڊاهه ۽ باهه واقعي جي الزام هيٺ داخل ڪرايل ڌار ڌار 23 ڪيسن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد 3 ڏينهن اڳ جسقم ڪراچي ڊويزن جي آرگنائزر الاهي بخش بڪڪ کي کنڀي گم ڪرڻ بعد گذريل ڏينهن گڏاپ ٿاڻي تي سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. جسقم اڳواڻ کي گڏاپ ٿاڻي تي داخل ڪيسن ۾ جوابدار ڄاڻايو ويو آهي، کيس اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي پٽ هيمون عرف جاني ڪالاڻيءَ کي به آزاد ڪيو ويو آهي. هيمون ڪالاڻي کي گذريل رات دير سان پوليس اٽالن قاسم آباد ۾ سندس گهران گرفتار ڪيو هو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سندس پٽ جي آزاديءَ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس پٽ کي ابتدائي طور ڀٽائي نگر ٿاڻي ۽ بعد ۾ سي آءِ اي سينٽر منتقل ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي مطابق سنڌ حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي، اهڙين حرڪتن سان قومي ڪارڪنن کي جهڪائي نٿو سگهجي. هوڏانهن ڀٽ شاهه پوليس هٿان نيو سعيد آباد ۽ هالا مان گرفتار ڪيل جسقم ضلعي اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو، غلام قادر ۽ صدام ڀٽيءَ کي 24 ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي.