سڳيون (ن پ ا ) سڳيون ۾ عيد ڏهاڙي گهر اڳيان بيٺل نوجوان صدام حسين چنا کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ وارو مامرو حل ڪرڻ لاءِ رضا علي شاهه چنا برادري جا معزز رسول بخش چنو، سيٺ غلام قاسم کوکر، معشوق علي ڀٽي، روشن علي ڪوري، مير چنو، واجد چنو، تسليم احمد چنو سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ٻيا معززين ميڙ منٿ قافلي جي صورت ۾ مقتول جي وارثن پيءُ محمد علي چنا، چاچي حضور بخش چنا وٽ پهچي فيصلي لاءِ چيو. ان موقعي تي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن رسول بخش چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ان لاءِ ميڙ منٿ قافلو وٺي آيا آهيون ته مقتول جو والد محمد علي چنا ۽ جوابدار ڌر نالي مٺو چنا ٻنهي ڌرين جو رت جو رشتو آهي ۽ سندن گهر هڪ آهي جهيڙي ۽ فساد سان ٻنهي ڌرين جو نقصان آهي علائقي جو امن تباهه ٿي رهيو آهي، ٺاھ سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، هوڏانهن مقتول جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيد، معززين ۽ برادري جي ميڙ منٿ قافلو اچڻ تي ٻن ڏينهن اندر پاڻ ۾ مشورو ڪري ورندي ڏينداسين.