ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري بيگاري پل تي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي جبار سنڌي، گل مصطفيٰ ۽ ٻين چيو ته ساڍن ارڙھن مهينن کان شھر جي اھم بنيادي سھولتن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آھيون پر چونڊيل نمائندن کي عوام جو ڪو به احساس ناھي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر جا مسئلا حل ڪيا وڃن.