ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي جي ناڪه نمبر پنج ۾ ملڪ ۽ ٻرڙا برادري ۾ ٽن ڪروڙن جي پلاٽ مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، نظير احمد ملڪ احتجاج ڪندي چيو ته نورمحمد ٻرڙو کي پلاٽ وڪرو ڪيو، 46 لک جو چيڪ پاس نه ٿيو ته اسان ڪم کان روڪيو پر نورمحمد ٻرڙو جي زور تي غلام محمد ملڪ ۽ عبدالحڪيم ملڪ مٿان تعميراتي ڪم ڪرائڻ کان اڳ ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي، پوليس ناحق ڪري رهي آھي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بعد پوليس ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، هوڏانهن نورمحمد ٻرڙو ٻڌايو ته مان پلاٽ خريد ڪيو آھي، پئسا ڏنا آھن پر ماپ جو مسئلو آھي