ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلزپارٽي منارٽي ونگ حيدرآباد پاران وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت معاون ويرجي ڪولهي خلاف مبينا طور پروپئگنڊا ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز هئا جن ويرجي ڪولهي جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش، گيانچند ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ويرجي ڪولهي انساني حقن جي حفاظت لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي. سندس خلاف من گهڙت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هنن گهر ڪئي ته ويرجي ڪولهي جي ڪردار ڪشي جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.ڊگھڙي ۾ ڪولھي برادري طرفان ويرجي ڪولھي سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جهڏو ۾ ويرجي ڪولهي جي ڪردار ڪشي خلاف مختلف برادرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ايوان صحافت جهڏو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ميرواهه گورچاڻي ۾ ڪولھي برادري پاران ويرجي ڪولھي جي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي خلاف اظهار يڪجهتي طور احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊوباگو ۾ ويرجي ڪولهي جي ڪردار ڪشي خلاف گامون ڪولهي، هميرو ڪولهي، ڌنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ڏيپلو ۾ صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولھي جي حق ۾ رام روپلو ڪولھي، موھن ڪولھي، راجو ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نئون دمبالو ۾ رميش ڪمار ڪولھي، ويرسي ڪولهي، مولچند ڪمار ڪولهي ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ننگرپارڪر ۾ مولچند ڪولھي، ساٿي سومجي، پھلاج ڪولھي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نئون ڪوٽ ۾ ويرجي ڪولهي جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، بدين ۾ سانول ڪولهي، ناٿو ڪولهي، تارا چندر ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. مٺي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن رام روپلو ڪولھي، حاجي کوسو، رتو ٻائي ڪولھي، جھامن ڪولھي ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي.