ڳڙهي خيرو/دوداپور (نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ويجهو مڙس زال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ تي به فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، سندن گهر مان لاش هٿ، وارثن جو چوڻ آهي همراهه جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن زال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪيو آهي. خبر موجب ڳوٺ ولي محمد ڏاهاڻي ۾ ڳوٺاڻي امان الله ڏاهاڻي مبينا طور پنهنجي زال ماروي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به فائر ڪري آپگھات ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڄڻن جا لاش سندن گهر مان هٿ ڪيا ويا. ان ڏس ۾ مارجي ويل امان الله جي ڀاءُ قلندر بخش ڏاهاڻي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جو ذھني توازن درست نه هو، جنهن سبب ھو مسلسل پريشان رهندو ھو، هن چيو ته ڪالهه گهر ڀاتين جي غيرموجودگي ۾ پنهنجي گهرواري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مٿان به بندوق جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس دير سان پهچڻ سبب ٻنهي ڄڻن جا لاش ھڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، بعد ۾ پوليس پهچي لاش ڳڙهي خيرو منتقل ڪيا، جتي همراهه جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏهن ته ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب عورت جو لاش جيڪب آباد اسپتال نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته وارثن مطابق نوجوان جو ذهني توازن درست نه ھو، جنهن تان واقعو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.