ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) قومي اسيمبلي جي واٽر ريسورسز ( پاڻي وسيلن) بابت اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر ارسا جي پاڻي ورڇ بابت ٽي رخي فارمولي کي رد ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه هتي ڪاميٽي جو اجلاس نواب يوسف ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ارسا، واپڊا ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ارسا چيئرمين ٻڌايو ته 91ع واري ٺاهه تحت پاڻي ورڇ وارو معاملو سي سي آءِ ۾ پيل آهي، جنهن تي فيصلو ٿيڻ تائين ارسا پاران خريف جي مند ۾ پاڻي جي ورڇ لاءِ ٽه رخو فارمولو جوڙيو آهي، جنهن تحت صوبن کي پاڻي فراهم ٿيندو، جنهن تي سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، آبپاشي کاتي جي عملدارن چيو ته ٽي رخي فارمولي سان سنڌ سميت ننڍن صوبن کي حصي موجب پاڻي نه ملندو، اجلاس ۾ واپڊا پاران سنڌ بئراج جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ بئراج ڪنهن به ريت سنڌ جي مفاد ۾ ناهي، انهي ڪري واپڊا سنڌ حڪومت سان مشوري ۽ تجويزن تحت ڪم ڪري، هن چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سبب سنڌ سميت ننڍا صوبا پريشاني کي منهن ڏين ٿا، پاڻي ورڇ بابت چونڊيل نمائندن جي راءِ کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻ گهرجي، پاڻي ورڇ بابت اٽارني جنرل هڪ رپورٽ تيار ڪئي هئي، اها رپورٽ تمام بهترين ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ ڪافي هئي پر اها رپورٽ منظر عام تي اچي ناهي سگهي، انهي ڪري ايندڙ اجلاس ۾ اٽارني جنرل کي گهرايو وڃي ته جيئن هو اچي پنهنجي رپورٽ ۽ تجويزون شيئر ڪري، انهي سان پاڻي جي انصاف ڀري ورڇ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته ڪاميٽي چيئرمين جي حيثيت سان منهنجي اها ذميواري آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريان، انهن ماڻهن کي به وائکو ڪريان، جيڪي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. انهي ڪري ارسا جو ٽه رخو فارمولو قبول ناهي،