ڪراچي (نمائندن وٽان) وفاقي وزير شيخ رشيد جي بيان خلاف مختلف قومپرست ڌرين جو سخت رد عمل سامهون آيو آهي.ان ڏس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايڊووڪيٽ امتياز ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ وفاقي وزير داخلا شيخ رشيد جي ان بيان ته ”ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو فيصلو عمران خان ڪندو“ تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي پر وفاقي وزير داخلا جي بيان موجب ڪراچي جي سنڌي ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي نه ڏنا ويندا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سوال ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي وزير داخلا شيخ رشيد ڪڏهن ائين چيو آهي ته لاهور جي پنجابين ۽ افغانين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو فيصلو وزيراعظم ڪندو يا پشاور جي پشتون ۽ غير ملڪين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو فيصلو عمران خان ڪندو؟ هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته وفاقي وزير شيخ رشيد جو سنڌين بابت پنهنجي ڏنل بيان تان پوئتي هٽي وڃڻ سنڌ جي شعور جي فتح آهي. سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ رهي پنهنجي اتان جي شناخت ظاهر ڪرڻ جو حق رکن ٿا.عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر ڪرم حسين وساڻ خادم حسين ٽالپر ڊاڪٽراسلم پرويز عمراڻي پنهنجي گڏيل بيان ۾ شيخ رشيد پاران ڏنل بيان سنڌين جي بهارين سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ سنڌين کي ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ واري بيان جي سخت مزمت ڪندي چيو ته سنڌي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا وارث آھن ڪراچي ۾ جيڪڏهن سنڌين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاء ڪابه رڪاوٽ وڌي ويئي ته ان جي مزاحمت ڪبي اها ملڪ کي ورهائڻ جي اڳوڻي ايم ڪيو ايم واري سازش جي ڪڙي ٿيندي جنهن تي هاڻ پي ٽي آء عمل ڪري رهي آھي. باڊھه ۾ ظفر سنجراڻي، انيس کوکر، هوش ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.