ڳيريلو(ن پ ا ) ڳيريلي جي سيد پاڙي واسي 28ورهين جي  شفيق علي شاهه کي نانگ ڪکي وڌو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارثن لاڙڪاڻو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو. وارثن ميڊيا کي ٻڌايو  ته گهٽي ويندي نوجوان کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي وياسين جتي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو سندس امڙ ۽ وني کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، نوجوان جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد کيس ڳيريلو جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.