ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا مان اغوا ٿيل مغوي ساحل ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ شاگردن پاران ڪامريڊ وزير لاشاري، نعمت الله لاشاري، مجيب الرحمان ڪٽپر، رضاحسين شاهه، علي ڏنو ڌاريجو، سيف الله ورياهه، سريش ڪمار، محمد عمر جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شاھي بازار کان پرپس ڪلب ڪنڌرا تائين ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاهرين جي هٿن ۾ مغوي ساحل ڪمار جي بازيابيءَ جي مطالبن ۽ تصويرن وارا پلي ڪارڊ ۽ بئنر کنيل هئا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس هڪ هفتو گذرڻ کان پوءِ به نوجوان ساحل ڪمار کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، وارثن کي سکڻا دلاسا ڏئي رھي آھي. مظاهرين پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان ساحل ڪمار کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. ايس ايچ او ڪنڌرا علي بخش شر ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته مغوي ساحل ڪمار جي باحفاظت بازيابيءَ لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪجهه شڪي ماڻھن کي پڻ حراست ۾ ورتو آهي.