حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ ڊجيٽل آدمشماري خلاف 2 اپريل کان مختلف شهرن ۾ سيمينار ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس لال جروار جي صدارت هيٺ پليجو ھائوس قاسم آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري خلاف 2 اپريل تي مٺي، 7 اپريل تي نوابشاھ، 8 اپريل تي نوشھروفيروز، 9 اپريل تي سکر ۽ 15 اپريل تي ميرپورخاص ۾ سيمينار ڪيا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته حڪمران سنڌ کي مالِ غنيمت سمجھي لٽي رھيا آھن. سنڌ ۾ منصوبابندي تحت غير ملڪي آڻي سنڌ تي قبضي جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. شماريات کاتي تسلي ڪرائي آهي ته سنڌ جي عوام جا خدشا دور ڪيا ويا آھن پر ائين نه آهي. هاڻي اھو ڊرامو بند ٿيڻ گھرجي. سنڌي عوام جا خدشا آھن ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ جي آبادي گھٽ ڏيکاري ويندي ۽ ان آدمشماري جا نتيجا به ائين طئي ٿيل آهن جيئن اليڪشن جا نتيجا طئي ڪيا ويندا آهن. هن مطالبو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري روڪي سنڌ مان غير ملڪين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي. ھن چيو ته وقت کان اڳ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڪرائي پئي وڃي. پيپلزپارٽي پارليامنيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ آدمشماري رد ڪرڻ جو بل پاس ڪرائڻ سان گڏ سي سي آءِ ۾ وڃي آدمشماري کي رد ڪرائي ها پر ايئن نه ڪيو ويو. اها آدمشماري سنڌ جي وجود تي خطرناڪ وار جيان آھي جنهن سان سنڌ ۾ آباد غير ملڪين کي قانوني تحفظ ڏنو ويندو.