ڳيريلو (ن پ ا) جي ڊي اي انڙ گروپ پاران ٽائون ڪاميٽي ڳيريلو ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي.عادل الطاف حسين انڙ ريلي جي صورت ۾ ڳيريلو پهچي ٽنهي وارڊن ۾ در در وڃي  اميدوارن علي حسن ميئو راجپوت، رسول بخش ۽ ٻين لاءِ وٽ گهريو.عادل الطاف حسين انڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي کان سنڌ جو عوام بيزار ٿي چڪو آهي،اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ته جيئن هو عوام جي خدمت کي يقيني بڻائي سگهن.